ڪترينا ڪيف جي ڪري ڪرن جوهر ڪڏهن شرمسار ٿيو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ فلمساز ڪرن جوهر چيو آهي ته اهو اعتراف ڪرڻ منهنجي لاءِ انتهائي شرمناڪ آهي ته مون کي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي ۾ دعوت نه ڏني وئي هئي. پنهنجي چيٽ شو ’ڪافي ود ڪرن‘ دوران ڪرن جوهر چيو ته ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي کانپوءِ ماڻهن مون کان پڇيو ته اوهان کي شادي ۾ ڇو نه گهرايو ويو؟ ڪرن جوهر جو چوڻ هو ته ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي دوران مون کي تمام گهڻو خراب محسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته هڪ وقت هو جڏهن ماڻهو مون کان پڇندا هئا ته تون شادي ۾ موجود هجڻ جي باوجود اسان کي ڪجهه به نه ٻڌائي رهيو آهين.ڪرن جوهر چيو ته مون کي اهو قبول ڪندي خراب محسوس ٿيو ته مون کي شادي جي دعوت نه ڏني وئي.هن چيو ته شادي ۾ دعوت نه ڏيڻ بابت ٻڌائڻ کانپوءِ ماڻهن همدردي ۽ شڪ جو اظهار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته توهان کي شادي ۾ ڇو نه دعوت ڏني وئي، ڇا توهان ٻنهي ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي؟ ڪرن جوهر وڌيڪ چيو ته مون کي ٿورو بهتر محسوس ٿيو جڏهن مون کي خبر پئي ته فلمساز انوراگ ڪشيپ کي به شادي ۾ دعوت نه ڏني وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو