نا اھلي جي سرطان سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو

دلشاد ڀٽو
ڪجھ عرصو اڳ وزيراعلي مراد علي شاه چيو ھو تہ سنڌ جي بيوروڪريسي جي اھليت وڏو مسئلو آھي.ان ڪري حڪمن تي عمل ڪرائڻ ڏکيو آھي.سرڪار ۽ نجي شعبي طرفان نوڪرين ۽ داخلائن لاء جيتريون به ٽيسٽون ورتيون وڃن ٿيون ھزارين ۽ لکين اميدوار امتحان۾ ويھن ٿا پر مشڪل سان ڪجھ ٽيسٽ پاس ڪن ٿا نه ته سرڪار ٽيسٽ پاس مارڪن جي حد ھيٺين سطح مطلب 35 کان 45 تي آڻي ٿي تڏھن مشڪل سان اميدوار نڪرن ٿا۔استادن جي ڀرتي دوارن وزير ۽ سيڪريٽري تعليم ميرٽ بابت رڙيون ڪندا رھيا۔ڪجھ سال اڳ مون پنھنجي دوست نيوي ڀرتي جي ڪرنل ظفر اقبال کي پنھنجي ڳوٺ جي سينٽر تي گھرايو۔2000 ھزار نوجوانن مان ھڪ به لکت وارو امتحان پاس نه ڪيو۔ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ صورتحال آھي۔ھِن وقت وزيراعلي سميت %99 سيڪڙو وزير.چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري سنڌي آھن.ڊويزنل ڪمشنر،ڊي سي، آءِ جي، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ مختلف کاتن جا ڊسٽرڪٽ آفيسرز بہ شڪر آھي سنڌي آھن. پوءِ بہ قومپرست چون ٿا تہ سنڌ غلام آھي، حڪومتي پارٽي چوي ٿي تہ اسان محروم آھيون، بيوروڪريسي چوي ٿي تہ آزادي سان ڪم ڪرڻ نہ ٿو ڏنو وڃي،وزير اعلي اڻ سڌي طرح چوي پيو تہ سنڌ جي بيوروڪريسي نا اھل آھي، مالي وسيلا ايترا آھن جو بجيٽ جا پيسہ ڪرپشن باوجود بچي پون ٿا ۽ ليپس ٿي وڃن ٿا. وزير اعليٰ ۽ وزيرن سميت ڪامورا چون ٿا نوڪريون ميرٽ تي ملنديون۔پر ھاڻ چون ٿا ته ميرٽ سان گڏ گريس مارڪن تي ڏينداسين۔مطلب نوڪريون پئسن ۽ سفارش تي ملنديون، گذريل 30 سالن کان نوڪريون ميرٽ بجاءِ سياسي بنيادن يا رشوت تي ملنديون رھيون آھن.ھِن وقت جيڪا بيوروڪريسي آھي 17 گريڊ کان 21 گريڊ ۾ پھتي آھي.ان کي ماضئ ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو ھو.ھاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي تہ جڏھن حڪومت ۽ بيوروڪريسي ۾ سڀ سنڌي ويٺا آھن تہ ھِنن کي آخر ڪير ٿو روڪي تہ سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي نہ آڻيو؟ يا عھدي تي ويھي سنڌ کي تباھ ڪيو؟ ھر ماڻھو پنھنجي ذميداري جو بار لاھي ٻئي تي پيو ھڻي.ھي سمجھي ڇڏيو تہ سنڌ کي صرف چٽا ڀيٽي، اھليت، ايمانداري، سخت محنت ۽ پورھيو.مخلص قيادت بچائي سگھي ٿي،جڏھن وزير اعلي ۽ وزير پاڻ نا اھلي جون دانھون ڪن ٿا تہ بجاءِ تبديلي آڻڻ جي ھُو پاڻ ساڳئي ڌنڌي ۾ مشغول آھن.سو ياد رکو سنڌ کي ھميشہ ٻاھرين ماڻھن ترقي ڏني آھي.اسين صرف دانھون ڪنداسين پر ڪَک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪنداسين.ڪامورن جا پٽ ٽيسٽ ڪليئر نٿا ڪري سگھن پر پڪ سان اھي ئي گريس تي ڀرتي ٿيندا۔پر ڪنھن اڪثر کاتن جا سيڪريٽري اھڙا آھن جي اھليت ئي سواليه بڻيل آھي۔ان باوجود پندرھن سالن کان مختلف عھدن تي ويٺا آھن۔ڪا ڪارڪردگي به نه آھي تازي ٻوڏ ۽ برساتن ۾ ڪو سيڪريٽري۔ڪمشنر ۽ ڊي سي يا مختلف کاتن جا چيف ڪٿي نظر آيا يا کاتن جو ڪو ڪم ڪار نظر آيو؟

پهنجو تبصرو موڪليو