اميدوارن کان رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرز کي نه ڇڏيندس: شاھ

اميدوارن کان رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرز کي نه ڇڏيندس: شاھ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سردار شاھ چيو آھي تھ اميدوارن کان رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرز کي نه ڇڏيندس، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کان آرڊر لاءِ رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرز خلاف جاچ ڪريان پيو ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪندس. تعليم کاتي جي آفيسرن سان اجلاس ۾ ڳالھائيندي سردار شاھ چيو تھ ڪنهن ايم اين اي يا ايم پي اي جو ماڻهو تنگ ڪري ته مونکي ٻڌايو، کين گرفتار ڪرائي سخت سزا ڏياريندس غريب ماڻهن جي اهل اولاد کان نوڪرين لاءِ پئسا وٺڻ وڏو گناهه آهي، ٻارن کي حرام جي ڪمائي نه کارايو، معصوم ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو