ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي بجلي جي بلن ۾ غيرقانوني چارجز لڳايون آهن، عدالت کي درخواست آهي ته ميونسپل بلن جي نالي تي لڳايل چارجز ختم ڪيا وڃن. حافظ نعيم الرحمان ڪي ايم سي جي بجلي جي بلن ۾ اضافي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي. باهه لڳڻ جي صورتحال ۽ گندگي جا ڍير اسان جي سامهون آهن. پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس جو اضافو ڪيو ويو.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته شهر جا سمورا رستا ٽٽل آهن، ريفرنس ۾ عوام کان پڇيو ويندو ته بجلي جو بل ادا ڪيو يا نه.










