بااثر مون سان زيادتي ڪري رهيا آهن: علي گوھر شاھ

ٺٽو(ڊر) گھارو سلطان اباد يوسي پليجاڻي جي ڳوٺ پير علي بخش شاھ جي رھواسي پير علي گوھر شاھ جيلاني، پير نور شاھ جيلاني، پير غلام رسول شاھ جيلاني، پير غلام حسين شاھ جيلاني، پير علي اصغر شاھ، پير زين العابدين شاھ، پير نظير علي شاھ جيلاني پريس ڪلب مڪلي ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ سندن سروي زمين تي بااثر شخص قبضو ڪرڻ لاء مختلف حربا استعمال ڪري سندن خلاف من گھڙت مختلف اخبارن ۾ خبرون ھلائي سندن ساک کي نقصان پھچائي رھيو آھي، جنھن ۾ ڪابہ صداقت ناھي. ھنن چيو تہ سندن زمين ۾ قديمي درگاھ ٻانگو شاھ آھي، جنھن جي اسان خدمت ڪري پنھنجي زمين مان ھڪ ايڪڙ 10 گھنٽہ زمين درگاھ جي نالي تي مختص ڪري ڇڏي اھي، باقي درگاھ ۾ آسپاس جي رھندڙ ڪنھن بہ برادري جو ڪوبہ قبرستان ناھي، ھنن الزام ھڻندي ڌيڪ چيو تہ سندن سئوٽ پير گلزار شاھ جيلاني اسانجي سروي زمين تي قابض ٿيڻ لاء اسانکي پريشان ڪري اسان خلاف مختلف اخبارن ۾ اجائي پروپيگنڊہ ڪري اسانجي ساک کي نقصان پھچائي رھيو آھي، ھنن چيو تہ ھن کان اڳ بہ مذڪوره بااثر شخص اسان مٿان ڪافي ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪري ھاڻي ڀتو وصول ڪرڻ چاھي ٿو نہ ڏيڻ تي ھو اسانکي پريشان ڪري ھاڻي اسانجي سروي زمينن سميت درگاھ تي بہ قابض ٿيڻ چاھي ٿو، پر اسان کيس اھڙين سازشن ۾ ھرگز ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن ۽ درگاھ تي قبضي جي ڪوشش ڪري کين پريشان ڪرڻ سان گڏ سندن خلاف اجائي پروپينگنڊہ ڪري مختلف برادرين جا درگاھ ٻانگو شاھ ۾ قبرستان ڄاڻائي انھن کي گھمراھ ڪندڙ شخص خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو