انگلينڊ کي 10 وڪيٽن تان تاريخي شڪست، بابر جي سينچري

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٻئي ٽي ٽوئنٽي ۾ 200 رنز جو هاءِ اسڪور چيز ڪري ميچ کٽي ورتي ۽ 7 ميچز جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. بابراعظم 62 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي.

آخري ٻن اوورز ۾ 20 رنز گهربل هيون. جيڪي ٻنهي اوپنرز آخري اوور ۾ 3 بال باقي هئا ته بابر وننگ شاٽ تي چوڪو هني ميچ کٽي ورتي. بابر 110 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته رضوان 5 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 51 بالن تي 88 ناٽ آئوٽ رهيو. رضوان کي 2 اهم موقعا مليا پهريون ڀيرو 23 رنز تي سندس ايلڪس هيلز ڪيچ ڊراپ ڪيو ۽ ٻئي ڀيري ڪيپر کيس اسٽيمپ نه ڪري سگهيو. هنن 203 رنز جي ناقابل شڪست پارٽنر شپ جو تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو. ان کان اڳ انگلينڊ جي اسٽينڊنگ ڪپتان معين علي تيز اڌ سينچري جي مدد سان پنهنجي ٽيم کي پاڪستان خلاف ٻئين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسن تائين پهچائي پاڪستان لاءِ 200 رنز جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو. نيشنل اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، معين 23 بالن تي 4 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 55 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهيون.

بين ڊڪٽ (43)، هيري بروڪ (31) ۽ ايلڪس هيلز (30) رنسن جو حصو وڌو. انگلينڊ آخري 10 اوورن ۾ 119 رنسون ٺاهيون. پاڪستان لاءِ بريڪ ٿرو شاهنواز ڏاهاڻي ڪيو جنهن پنهنجي ٻئي اوور ۾ بيڪ ٽو بيڪ بالن تي ايلڪس هيلز ۽ ڊيوڊ ملن کي بولڊ ڪيو. سندس بيڊ لک ته هيٽ ٽرڪ نه ڪري سگهيو. هن 4 اوورز ۾ 37 رنز ڏنيون. ٻيو ڪامياب بالر حارث رئوف هو جنهن 4 اوورز ۾ 30 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. هڪ وڪيٽ محمد نواز کي ملي. سڀني کان مهانگو بالر حسنين ثابت ٿيو، هن پهريون اوور زبردست ڪرايو پر بعد ڪٽڪو لڳو سندا آخري اوور جي آخري ٻنهي بالن تي معين علي 2 ڇڪا هنيا. هن بنا وڪيٽ جي 51 رنز ڏنيون. پاڪستان جواب ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ٻنهي اوپنرز ففٽيون ڪيون بابر ۽ رضوان پهرين وڪيٽ جي رڪارڊ پارٽنر شپ ٺاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو