هاءِ ڪورٽ پاران خودڪشي ڪيس ۾ ڊي اين اي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مٺي ٿرپارڪر ۾ ڇوڪري جي اغوا، اجتماعي ڏاڍائي ۽ آپگهات بابت ڪيس ۾ ڊي اين اي ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ڊي آئي جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار ۽ ٻيا پيش ٿيا فوتڻ جي گهرڀاتين عدالت کي واقعي جو تفصيل ٻڌايو ڊي آئي جي ميرپورخاص پاران اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪيس ۾ 4 جوابدار گرفتار آهن ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي چيف جسٽس احمد علي شيخ ڪيس ۾ ڊي اين اي ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جي مدعي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعاون ڪيو وڃي ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪري ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ واقعي جو نوٽيس ورتو هو ٻڌڻي کان پوءِ ڊي آئي جي ميرپورخاص عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي مدعي ۽ شاهد کي تفصيل سان ٻڌو آهي چيف جسٽس سمورن ثبوتن ۽ ڊي اين اي جي بنياد تي ميرٽ تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ڊي آئي جي کان صحافي سوال ڪيو ته واقعو 8 تاريخ تي ٿيو ڪيس 18 سيپٽمبر تي داخل ڪيو ويو وقت تي پوليس ايڪشن وٺي ها ته ٻارڙي جي حياتي بچي پئي ها جنهن تي ڊي آئي جي جواب ڏنو ته مدعي ۽ شاهد چيف جسٽس آڏو هن معاملي کي ڪليئر ڪيو آهي ته اسان ئي ڪا شئي نه ٻڌائي هئي ڊي آئي جي چيو ته مدعي ۽ شاهد چيو آهي ته اسان جڏهن پوليس کي رپورٽ ڪيو آهي ته ان ڪارروائي ڪئي آهي مدعي ۽ شاهد پوليس جي جاچ مان مطمئن آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو