سڄي دنيا کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو: شهباز شريف

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف نيويارڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي حوالي سان جائزو ورتو ۽ ملڪ ۾ امدادي سرگرمين جي صورتحال جو جائزو ورتو.اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم چيو ته ٻوڏ جي تباهي سبب پاڪستان پنهنجي وسيلن سان اهو نقصان پورو نٿو ڪري سگهي، سڄي دنيا کي پاڪستان سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ ترقي يافته ملڪ ۽ دوست ملڪ اسان جي مدد ڪن.شهباز شريف چيو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب عالمي ادارن کي به پاڪستان جي مدد ڪرڻي آهي. هن اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ۽ ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملاقات ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو