سپريم ڪورٽ پاران ٻيهر پي ٽي آئي کي اسيمبلي ۾ واپسي جو مشورو

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ ميمبرن جي قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ جي قدمن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مرحليوار استعيفائن جي منظوري خلاف درخواست تيار ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏيندي چيو آهي ته اسٽينڊنگ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي استعيفائن جي منظوري بابت هاءِ ڪورٽ جو حڪم واضح آهي، اسپيڪر جون مرحليوار استعيفائون قبول ڪرڻ قانوني آهي.عدالت چيو ته اسپيڪر جي اختيار ۾ بظاهر مداخلت سان آرٽيڪل 69 متاثر ٿي سگهي ٿو، عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام توهان کي 5 سالن لاءِ چونڊيو آهي، پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ اصل فرض آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هن وقت ڪروڙين ماڻهو ٻوڏ سبب بي گهر آهن، ٻوڏ متاثرن وٽ نه پيئڻ لاءِ پاڻي آهي ۽ نه کائڻ لاءِ ماني، ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو متاثرن جي مدد لاءِ اچي رهيا آهن.چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معاشي حالت ڏسي پي ٽي آءِ کي اندازو آهي ته 123 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ ڪيترو خرچ ايندو. جسٽس اطهر من الله قانون جو گهرو جائزو ورتو ۽ فيصلو ڏنو، اسپيڪر جي ڪم ۾ اهڙي مداخلت عدالت لاءِ ڏکيو ڪم آهي.سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ اچڻ جو مشورو ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو