پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 72 ڪيس ظاهر، هڪ مريض فوت

پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 72 ڪيس ظاهر، هڪ مريض فوت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1 مريض حياتي وڃائي ويٺو.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.54 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 72 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 82 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 607 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 71 هزار 894 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 311 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 3 لک 97 هزار 842 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو