ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي آهي يا رڳو چند طبقن جي،اهڙو اظهار وفاقي وزير احسن اقبال ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.سندن چوڻ آهي ته برساتن سبب ٿيل تباهي کانپوءِ متاثر علائقن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو رستو ڳوليندا، سردار عطاءُ الله مينگل اصولن ۽ خيالن جي سياست ڪئي.احسن اقبال چيو ته تحريڪ پاڪستان بيلٽ ۽ ووٽ ذريعي هلي، جنهن کي ايوب خان ڊاهي ڇڏيو، معيشت مضبوط نه ٿيندي ته پاڪستان مضبوط نه ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس رياست لاءِ چئلينج آهن، وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي.احسن اقبال جو اهو به چوڻ آهي ته ترقياتي بجيٽ ۾ بلوچستان جو حصو پنجاب کان وڌيڪ آهي.










