ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ وارو پنجاب جو فيصلو هاري دشمن آھي: راهو

ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ وارو پنجاب جو فيصلو هاري دشمن آھي: راهو

ڪراچي (رپورٽر) حڪومت پاران ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ واري پنجاب جي فيصلي کي هاري دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ماحوليات ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ وارو پنجاب جو فيصلو هاري دشمن آھي، پنجاب حڪومت کي ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3 هزار في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ گھرجي، پيپلز پارٽي هميشه هارين کي ڪمند ۽ ڪڻڪ جو اگهه ٻين حڪومتن کان بهتر ڏنو آهي. اسماعيل راهو چيو ته پنجاب حڪومت ھوش کان ڪم وٺيڊي اي پي، يوريا ڀاڻ ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي قيمتن کي ڏٺو وڃي ته، هارين لاءِ 3 هزار رپيا قيمت تمام گهٽ آهي،پي ٽي آءِ مزدور دشمن پارٽي آهي، عمران خان جو اھو فيصلو آبادگارن ۽ زراعت کي تباھ ڪريڇڏيندو، سڀ کان وڌيڪڪڻڪ پيدا ڪندڙ صوبي جي آبادگارن ۽ هارين جو استحصال ڪيو پيو وڃي.صوبائي وزير بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اھڙي فيصلي سان پاڪستان خوراڪ جي کوٽ جو شڪارٿي سگھي ٿو،پنجاب جا هاري ڪڻڪ جو سٺو اگهه نه ملڻ تي مايوس آهن،سنڌ پنجاب کي ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي،پي ٽي آءِ جو مقصد هارين کان سستي ڪڻڪ خريد ڪري مافيا کي فائدو پهچائڻ آهي،پرويز الاهي ڄاڻي واڻيڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار رپيا مقرر ڪيو ته جيئن ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿئي. اسماعيل راهو چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي ٻوڏ واري صورتحال سبب ايندڙسالڪڻڪ جي پوک گهٽٿيڻ جوخدشوآهي،ڇو ته هن وقت تائين زمينن۾ 3 کان 5 فوٽ برسات جو پاڻي بيٺل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو