سکر(ن سنڌيار)وزير اعظم شهباز شريف، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سنڌ جي ٻوڏ متاثر شهر سکر پهچي ويو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن کي ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم، پرڏيهي وزير، وڏو وزير ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هوائي جهاز ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيا.انتونيو گوتريس سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، متاثرن سان ملاقات ڪندو ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ٻيا ترقي پذير ملڪ انهن وڏن ملڪن کان متاثر آهن جيڪي روايتي تيل استعمال ڪن ٿا. انتونيو گوتريس عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هن جنون کي هاڻي روڪيو، توانائي جي متبادل ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪري ۽ فطرت جي خلاف جنگ ختم ڪري.
ٻوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي بريفنگ
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، بنيادي ڍانچي جي بحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي. وزير اعظم شهباز شريف، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ بريفنگ ڏني.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته ٻوڏ سبب فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.هن چيو ته تازو آيل ٻوڏ سنڌ جي ضلعن ۾ وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي، اسان کي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ خيمن ۽ مڇر مار دڙن جي ضرورت آهي.بريفنگ ۾ وڏي وزير چيو ته هن سال سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون آهن، جڏهن ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام به تباهه ٿي ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن ڏکئي وقت ۾ اسان کي عالمي برادري جي مدد جي ضرورت آهي.ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته عالمي برادري کي هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.










