سوات ،غير قانوني اڏاوتن جا لائسنس ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سوات ،غير قانوني اڏاوتن جا لائسنس ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سوات (ويب ڊيسڪ)سوات ۾ درياهه جي ڪناري تي غير قانوني اڏاوتن جا لائسنس وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن سال مون سون جي سخت برساتن ۽ ٻوڏ سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ سوات ۾ آيل ٻوڏ درياهه جي ڪنارن تي ٺهيل وڏن هوٽلن جو نالو ۽ نشان به ختم ڪري ڇڏيو آهي.ڪالام جي هڪ مشهور هوٽل جي ڪجهه سيڪنڊن ۾ ئي خراب ٿيڻ جي وڊيو به سامهون آئي.ٻوڏ پنهنجي رستي ۾ موجود تمام مضبوط اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، خوبصورت هوٽلون ۽ روڊ رستا ۽ درياهه مٿان پلن کي سخت نقصان پهتو. ضلعي انتظاميا درياهه جي ڪنارن تي غير قانوني اڏاوتن جا لائسنس ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو