عمران خان ٻڌائي ته فوج ۾ ڪڏهن ميرٽ تي مقرريون  نه ٿيون: خواجا آصف

عمران خان ٻڌائي ته فوج ۾ ڪڏهن ميرٽ تي مقرريون نه ٿيون: خواجا آصف

اسلام آباد ( بيورو ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جي ڪرپشن خلاف جاچ ٿي رهي آهي، معاملا پرڏيهي فنڊنگ سان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان توشا خانا تي درخواست ڏني، اسان 180 ملين تي جاچ مڪمل ڪري ورتي، شيون گهڻو اڳتي نڪري ويون آهن، هاڻي سڀ ڪجهه اڳيان ايندو، پرڏيهي فنڊنگ سان به معاملا گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن.هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته توشا خانا جي تحفن کي کپائي پئسا پاڻ وٽ رکڻ ميرٽ آهي ڇا؟ توهان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي نيڪالي ڏني وئي، ڇا اها ميرٽ آهي بي اعتمادي رٿ جو ذميوار آمريڪا ۽ ڪنهن اداري کي قرار ڏنو وڃي، بي آر ٽي انڪوائري دفن ڪري ڇڏي ڇا اها ميرٽ آهي.خواجا آصف چيو ته عمران خان ٻڌائي ته پاڪ آرمي ۾ ميرٽ تي ڪڏهن مقرري ناهي ٿي، جيڪي به چار يا پنج نالا ايندا آهن اهي فوجي قيادت موڪليندي آهي، عمران خان پهريان عدالتن ۽ ادارن خلاف ڳالهائيندو آهي پوءِ وري وضاحتون ڏيندو آهي، چوڌري اقبال فرح خان واري معاملي کان کُلي لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو، راڻا ثناءُ الله خلاف جيڪو ڪيس ٺاهيو ويو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ وارين افواهن تي خواجا آصف چيو ته شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو ۽ مونکي ان معاملي جي وڌيڪ ڄاڻ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو