اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران مختلف انڪوائريز ۽ ريفرنسز جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه، ڪي پي جي اڳوڻي گورنر مهتاب عباسي، خيرپور ۾ پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي عملدارن ۽ آفيسرز ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي اڳوڻي سي اي او منور نذير عباسي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. اُن کانسواءِ او جي ڊي سي ايل انتظاميا خلاف انويسٽيگيشن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. فاٽا جي انجنيئر اڪرام الله شاه سميت 9 نيون انڪوائريون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته ثبوت نه ملڻ سبب ڪجهه انڪوائريون بند پڻ ڪيون ويون.










