جهاز مان اڍائي ڪروڙ ماليت جو سون چوري

جهاز مان اڍائي ڪروڙ ماليت جو سون چوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڍائي ڪروڙ رپين جي سون جي چوري واري واقعي تي لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪارروائي ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب فلائي دبئي جي اڏام ايف زيڊ 335 دبئي کان 4 سيپٽمبر تي شام 4 وڳي ڪراچي پهتي، مسافر محمد مونس ٻڌايو ته جهاز جي اوور هيڊ ڪمپارٽمينٽ ۾ رکيل سامان مان 1542 گرام سون چوري ٿي ويو، جنهن تي ايئر لائن کي اطلاع ڏنو. واقعي بابت فوري طور تي عملي کي اطلاع ڏنو. جهاز جي عملي جهاز جا دروازا بند رکيا ۽ فوري طور تي ڪراچي ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي اختيارين کي اطلاع ڏنو. ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي عملي جناح ٽرمينل تي سمورن مسافرن ۽ سندن سامان جي سئو سيڪڙو اسڪيننگ ڪئي پر سون هٿ نه ٿي سگهيو. پاڪستان ڪسٽم ذريعن موجب نورتن جيولرز طرفان قانوني طور تي ڪراچي مان امپورٽ ڪيل زيورن جي اڌ قيمت سون جي صورت ۾ واپس آندو پيو وڃي، جنهن بابت ڪسٽم اختيارين کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو. ايئرپورٽ پوليس موجب واقعي جو اطلاع ڏنو ويو آهي، پر فضا ۾ ٿيل واردات اسنجي حد م نه آهي. ڪسٽم اختيارين موجب دبئي ايئرپورٽ تي مسافر طرفان سون جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جا دستاويز به مسافر وٽ آهن، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو