لنڊن (ويب ڊيسڪ)ايڪشن ۽ ٿرلر ٽام ڪروز جي فلم ”ٽاپ گن: ماورِڪ“ (Top Gun: Maverick) هڪ ڀيرو ٻيهر باڪس آفيس تي ڌماڪو ڪيو.مشهور اداڪار ٽام ڪروز فلم ”ٽاپ گن: ماورڪ“ ۾ اداڪاري جا ڀرپور جوهر ڏيکاريا ۽ فلم باڪس آفيس تي ڌماڪو ڪيو.فلم پنهنجي رليز جي 15هين هفتي ۾ 7.9 ملين آمريڪي ڊالر يعني 1 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪري پهرين نمبر تي اچي وئي.ٻئي طرف هڪ مهينو اڳ رليز ٿيندڙ بريڊ پٽ جي ايڪشن ٿرلر ”بلٽ ٽرين“ 7.3 ملين ڊالر يعني 1 ارب 60 ڪروڙ رپيا ڪمائي ٻئي نمبر تي اچي ويو.










