ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي مختلف شهرن مويا؛ ڏندو؛ نظرپور؛ سميت ٻهراڙي جي هزارين ڳوٺن ۾ تيز طوفاني برساتن جي وڏي تباهي کان پوء به 15 ڏينهن گذرڻ باوجود پ پ تڪ جي چونڊيل سياسي نمائيندن ۽ ڪامورن پاران سوين بي گهر ٿيل رهواسين مسڪينن پورهيتن هارين مزدورن جي ڪنهن به سار سنڀال نه لڌي ڪيترائي خاندان ڦاڪا ڪشي ۽ غربت سبب ماني گرھ لاء پريشان حال بڻيل سموري تعلقي اندر برساتي تباهڪارين ۽ ٻوڏ واري صورتحال کانپوء ڪيترائي مقامي رهواسي مجبوري ۽ لاچاري سبب لڏپلاڻ ڪرڻ تي تاحال بيوس بڻجي رهجي ويا پر تڪ جي سياسي نمائيندن ايم اين اي ۽ ايم پي ايز پاران ڪنهن به مسڪين جي اڄ تائين ڪابه مالي سهائتا نه ڪئي وئي آهي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڃا تائين برساتي گندگي وارو جمح ٿيل پاڻي به نيڪال نه ٿي سگهيو بدبوء سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو ڪٿي به مڇرمار اسپري نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري ڪافي خطرناڪ وبائي بيماريون ڦھلجي ويون درجنين ماڻهون مرد ٻارڙا عورتون مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون اڻلڀ علاج لاء ايندڙ مريض سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻ لڳا لاڳاپيل انتظاميه به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو شهرن ڳوٺن ۽ علائقن جي خراب ڳنڀير صورتحال هجڻ ڪري شهري رهواسين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئيل ٻي طرف ساڃاھ وندن ۽ علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ 2 ايم پي اي اعجاز شاه بخاري عبدالڪريم سومرو ۽ ايم اين اي سيد نويد قمر شاه ۽ فوڪل پرسن قاسم نويد قمر صرف ڪجه علائقي شهرن جو وزٽ ڪري فوٽو سيشن ڪرائڻ بعد گم ٿي ويا ڪنهن کي به ڪو رليف ملي نه سگهيو خالي سکڻن دلاسن ۾ رهائي هنن پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هزارين رهواسي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ۽ لاچار آهن رهواسين پاران تعلقي جي تباهي جو ذميوار ٽنهي چونڊيل تڪ جي سياسي نمائيندن کي سندن نااهلي قرار ڏئي ڇڏيو متاثرن پاران اهو به چيو ويو آهي ته هر دور ۾ هتان جي عوام پ پ پ کي ووٽ ڏئي اعلي ايوانن تائين پهچايو پر سندن غلط ڪارگردگي ۽ عملي ڪم نه ڪرڻ ڪري سڄي تعلقي جي عوام جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا مسڪين متاثرن جون چونڊيل نمائيندن کي پٽون ۽ پاراتا مذڪوره عوام سنڌ حڪومت کان مطالبي جي گهر ڪندي چيو آهي ته فوري طور عملي نوٽيس وٺي ھزارين ٻوڏ متاثرن جي جلد کان جلد مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن عوام مان وڌنڌڙ بيچيني ختم ٿي سگهي










