اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب وڌيڪ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا.اها ڳالهه نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.اين ڊي ايم اي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ 19 فوتگيون سنڌ صوبي ۾ ٿيون آهن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته وڌيڪ 24 فوتگين کانپوءِ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 1 هزار 314 ٿي ويو آهي.اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 115 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب هن وقت تائين 12 هزار 703 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.اين ڊي ايم اي جو اهو به چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 پلن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 246 پلن کي نقصان پهتو آهي.










