ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مٽياري ۽ سجاول ضلعن جا ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا.ڊپٽي ڪمشنر مٽياري موجب مٽياري ۾ چندن موري واهه ۾ شگاف پئجي ويو، جنهن بعد پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو. هنن چيو ته هو ڪرين ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان واهه ۾ شگاف ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته روهڙي ڪينال مان چندن موري ڪينال جو دروازو ٽوڙيو ويو آهي، جنهن سبب پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪئنال 4 کان وڌيڪ هنڌن تي اوور فلو آهي، ماڻهو اتي به بند ڪري رهيا آهن.ايس ايس پي مٽياري سميت علائقي واسين جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ پهچي ويو آهي ۽ بند ڀرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.ڪيترن ئي ڳوٺن جا رهواسي پنهنجن گهرن جي ڇتن تي پناهه وٺي ويا آهن ۽ امداد جا منتظر آهن.
سجاول ۾ ڳوٺ خالي ڪرايا ويا
ٻئي طرف سجاول وٽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.سجاول ۾ ڪچي واري علائقي جا رهواسي پاڻي ڀرجڻ سبب پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري ويا آهن.ڪچي واري علائقي ۾ ڪريل پوک ۽ سبزي جا پوک پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن ڪري فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو.










