ڪشمور: گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

ڪشمور: گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

ڪشمور (ن سنڌيار) گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو آھي، گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو آھي بڊاڻي شھر ڀرسان ڪي ڪي بچاءَ بند انتھائي حساس، رهواسين ۾ خوف پکڙجي ويو آھي، ڀنگ ۽ ايل ايم سميت مختلف بندن کي سنڌوءَ جو پاڻي پائڻ لڳو آھي گڊو بئراج وٽ پاڻي جون مٿانهون وهڪرو 5 لک31ھزار 408ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آھي، سنڌوءَ ۾ چاڙهه بعد ڪچي جا مختلف ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، شهر سان زميني رابطو به ڪٽيل آھي ٻئي پاسي سنڌوءَ ۾ چاڙهه بعد پاڻي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳو، هڪ نوجوان ٻڏي ويو آھي، سن ويجهو سنڌوءَ ۾ چاڙهه بعد پاڻي ڳوٺ وڏا ڇڇر ڏانهن وڌڻ لڳو، هڪ نوجوان ٻڏي ويو ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ نوجوان پاڻي وهڪري ۾ ٻڏي ويو، وارثن پاران نوجوان جي ڳولا جاري آھي

پهنجو تبصرو موڪليو