تعلقه انتظاميه جي نااهلي،اسپري نه ٿيڻ ڪري ڍور مرڻ لڳا

تعلقه انتظاميه جي نااهلي،اسپري نه ٿيڻ ڪري ڍور مرڻ لڳا

سلطانپور ( ن سنڌيار) برسات کانپوءِ سلطانپور ۽ ڀرپاسي ۾ مڇرن جو آزار، انسانن سميت چوپايو مال متاثر، مينهن ،ٻڪرين، ڳئن ۽ رڍن جا وڏا رانڀاٽ، هر طرف ٽاٻڙڪو، 20 کان وڌيڪ ڍور مري ويا، مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل ، بيمارين منهن ڪڍيو، انتظاميه اگھور ننڊ ستل ، ڳوٺاڻن پاران مڇر مار اسپري ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو تفصيل موجب : سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کانپوءِ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب برسات متاثر ماڻهون راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آهن، زهريلي مڇرن جي آزار سبب سلطانپور جي ڳوٺ حاجي فيض محمد مهر ۾ گل حسن مهر جي ڀلوڙ مينهن ۽ ظهير احمد جي مينهن، گلاب انڍڙ ۾ ڄام انڍڙ جي هڪ ڀلوڙ مينهن ، مور انڍڙ جون 5 ٻڪريون، هدايت الله انڍڙ جون 4 ٻڪريون، رفيق انڍڙ جون 2 ٻڪريون ۽ هڪ وڇير سميت ڳوٺ ميان محمد صالح انڍڙ ( فقير ڳوٺ) ۾ به زهريلي مڇرن جي چڪن سبب ڳوٺاڻن قلندر بخش، ميان خالقداد انڍڙ ، رسول بخش انڍڙ، خميسو انڍڙ ، غلام رسول انڍڙ، علي گوهر مهر جون پنج ٻڪريون ۽ غلام نبي جون ٽي ۽ ارشاد مهر جون ٻه ٻڪريون عبدالحلیم جي هڪ هڪ ڀلوڙ مينهن مري وئي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مڇرن جي آزار سبب چوپايو مال متاثر ٿئي پيو رات جو ڍور ڍڳا وڏا وڏا رانڀاٽ ڪري ڪلن مان رسا ڇنائي ٽاٻڙڪو مچائين ٿا، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انتظامیہ کي بار بار اطلاع ڪرڻ جي باوجود ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي، ايڊمنسٽريٽر عبدالله جُهلڻ مڇر مار اسپري نه پيو ڪرائي، هنن انتظامیہ کان خاص طور تڪ جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيد احمد شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي سندن چوپائي مال کي مرڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو