سيالڪوٽ: (م ڊ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ 75 سيڪڙو حڪومت عمران خان جي آهي پر ان باوجود اهو شخص گاريون ۽ طعنا اسان کي ڏيندو آهي.سيالڪوٽ ۾ ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال بي قابو ٿي چڪي آهي، دعا آهي ته ان تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن چيو ته قدرت طرفان هي هڪ آزمائش آهي پر ان ۾ اسان جو پنهنجو به ڏوهه آهي. ماڻهن پاڻي نيڪال وارين جڳهين تي حددخليون قائم ڪري ڇڏيون هيون. رشوت ڏئي گهر ۽ هوٽلز تعمير ڪيا ويا، ڪنهن صحيح چيو ته قدرت پنهنجي گذر گاهن کي انسانن کان خالي ڪرائي ورتو آهي.وفاقي وزير چيو ته عرب ملڪن طرفان امداد اچڻ شروع ٿي وئي آهي ٻيا ملڪ به امداد اماڻي رهيا آهن. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته عمران خان روز پنهنجا بيان تبديل ڪندو آهي. ملڪ ۾ 75 سيڪڙو حڪومت عمران خان جي آهي هو اسان کي 24 ڪلاڪ حڪومت جا طعنا ڏيندو آهي، گاريون ڏيندو آهي.خواجه آصف چيو ته ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تباهي آيل آهي پر عمران خان کي جلسن جي پيل آهي.










