نيشنل هاءِ  وي تي سنڌ جي ڪيترن علائقن تي سفر ڪرڻ خطرناڪ قرار

نيشنل هاءِ وي تي سنڌ جي ڪيترن علائقن تي سفر ڪرڻ خطرناڪ قرار

اسلام آباد(بيورو)نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي اين 5 تي ڪيترن ئي هنڌن تي سفر کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب نيشنل هاءِ وي اين 5 سنڌ، ڪنڊيارو، مورو، اسڪرنڊ ۽ مٽياري ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي جڏهن ته مياني ٻيلو، چاليهه، بدرو، سيکٽ ۽ ڍاڍو ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڪنهن به قسم جي سفر کان پاسو ڪن.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب نيشنل هاءِ وي اين 5، عزخيل، نوشهره، موٽر وي ايم 1 برهان کان پشاور تائين ٻوڏ جو خطرو آهي.موٽر وي پوليس ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي عوام کي متاثر قومي شاهراهه تي سفر نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.آءِ جي موٽر ويز خالد محمود نيشنل هاءِ ويز تي اهلڪارن کي سيلاب کي نظر ۾ رکندي الرٽ ۽ هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.آءِ جي خالد محمود چيو ته موجوده موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام موٽر وي پوليس پاران جاري ڪيل سفري هدايتن تي سختي سان عمل ڪري.موٽر وي پوليس جي ترجمان شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نيشنل هاءِ ويز تي احتياط سان گاڏيون هلن ۽ سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽر وي پوليس جي هيلپ لائن 130 کان ڄاڻ ورتي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو