راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ فوج جو ڪو الڳ کاتو ناهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي رقم رڳو حڪومتي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي، پاڪ فوج جو ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪو الڳ اڪائونٽ ناهي.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ پاڪ فوج جا اڪائونٽس جعلي آهن، ماڻهو پاڪ فوج سان منسوب انهن جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ فنڊ ڏيڻ کان پاسو ڪن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب پاڪ فوج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 50 رليف ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا آهن ۽ پاڪ فوج جي سمورن آفيسرن هڪ مهيني جي پگهار ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو ڪئي آهي. ان کان علاوه پاڪ فوج به پنهنجو 3 ڏينهن جو راشن ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو ڪيو آهي.










