مريم، فضل الرحمان ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

مريم، فضل الرحمان ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

اسلام آباد)بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پي ٽي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف توهين عدالت جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي ڪهڙي درخواست آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته انهن اڳواڻن طرفان سوشل ميڊيا تي عدليه مخالف بيان ڏنا ويا. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪو ذڪر آهي؟ جنهن بابت توهان چئي رهيا آهيو ته توهان سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڃو. جج پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار جو تعلق لاهور جو آهي، کيس اها جاءِ ڇو پسند آهي، درخواستگذار ٻڌايو ته لاهور ۾ به عدالتون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته رجسٽرار آفيس جو اعتراض برقرار رهيو ته توهين عدالت واري معاملي تي ڪو لاڳاپيل فورم ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو