اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ منع فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي جاري ڪيل نوٽيس جي ٻڌڻي پي ٽي آءِ جي وڪيل جي درخواست تي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جاري ڪيل نوٽيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪئي.پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل نويد انجم اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ چيو ته ڪيس ۾ تمام گهڻا دستاويز آهن، اهي گڏ ڪرڻا آهن، نوٽيس جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه وقت گهرجي.پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل نويد انجم چيو ته اسان کي ٻن هفتن جو وقت ڏنو وڃي ته جامع جواب ڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان سموري عمل جو حصو رهيا آهيو، توهان وٽ اڳ ۾ ئي دستاويز آهن، پوءِ ڪٿان گڏ ڪندا.پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل نويد انجم چيو ته پرڏيهي چيپٽرن کان دستاويز گڏ ڪري رهيا آهيون.ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










