حڪمرانن قوم کي خيرات کائيندڙ قوم بڻائي ڇڏيو آهي:سراج الحق

حڪمرانن قوم کي خيرات کائيندڙ قوم بڻائي ڇڏيو آهي:سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي سراج الحق پي ٽي آءِ سميت پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪئي.هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ پي ٽي آءِ ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن کان لاتعلق آهن. هن چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن، عوام ٻنهي جو چهرو ڏسي چڪو آهي، اڄ اسان جي سڄي قوم کي حڪمرانن پاران خيرات کائيندڙ قوم بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف جماعت اسلامي جي اطلاعات سيڪريٽري قيصر شريف جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جو امير سراج الحق تونسه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري چڪو آهي جتي هو 3 ڏينهن تائين ٻوڏ متاثر ضلعن جو دورو ڪندو. قيصر شريف موجب هو اڄ نادي، واهه، فاضل پور جي امدادي ڪيمپن جو دورو ڪندو ۽ عوام کي خطاب ڪندو، جڏهن ته سراج الحق ڊي جي خان، راجن پور، مظفر ڳڙهه ۾ امدادي ڪمن جو جائزو وٺندو. قيصر شريف چيو ته جماعت اسلامي ۽ الخدمت جا رضاڪار وڏي پيماني تي امدادي ڪم ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، حڪومت جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب لکين ماڻهو بک وگهي مرڻ تي مجبور آهن، سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته هو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ وڙهڻ بدران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو