بلوچستان جو رابطو سڄي ملڪ کان ڪٽجي ويو

بلوچستان جو رابطو سڄي ملڪ کان ڪٽجي ويو

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جو ملڪ جي سڀني صوبن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. سنڌ سان رابطو اڳ ۾ ڪٽجي چڪو هو پر پنجاب ۽ خيبرپختونخواه سان رابطو بحال هو. انهن ٻنهي صوبن سان رات کان ان مهل رابطوڪٽجي ويو جڏهن 13 ڪلوميٽر جبل ڪري پيو، جنهن ۾ 3 گاڏيون دٻجي ويون آهن. انتظاميه جو چوڻ آهي ته دانا سر کان اهو رستو کولڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن لڳندا. ڪجهه ماڻهو ٽي ڪلاڪ پنڌ ڪري ژوب تائين پهتا آهن، تن ٻڌايو ته ڪوچ وارن سوارين کي پري لاهي ڇڏيو. پنجاب جي ءِضلعي ڊيرا غازي خان کان بارکان تائين وايا فورٽ منرو وارو رستو به لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند آهي. برسات بند ٿيڻ جي صورت ۾ به هڪ هفتي تائين رستو صاف ٿي سگهي ٿو. برسات تمام گهڻي هئي ۽ گذريل رات 2 وڳي ڪوئيٽا کان داناسر تائين لينڊ سلائيڊنگ ٿي هئي. ليويز ۽ ايف سي جو چوڻ آهي ته روڊ فور کلڻ جو ڪو به امڪان ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو