برسات سبب ڇِت، ڀِتيون ڪرڻ ۽ گيسٽرو ورتل 5 ڄڻا فوت،13 زخمي

برسات سبب ڇِت، ڀِتيون ڪرڻ ۽ گيسٽرو ورتل 5 ڄڻا فوت،13 زخمي

نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)نوشهرو فيروز ۽ آس پاس ۾ برسات سبب ڇِت، ڀِتيون ڪرڻ ۽ گيسٽرو ۾ 5 فوت، 13 زخمي، تاريخي مسجد جو گنبذ ڪرڻ سبب 7 کٿابي زخمي، روڊ، رستا تباھ، اسپتالن ڏانهن مريض پهچائڻ مشڪل، سول اسپتال ٻڏي ويئي. ڊي سي 127 اسڪولن کي پناھ گاهن ۾ تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب نوشهرو فيروز ۽ آس پاس ۾ 48 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب وڏي تباهي، بربادي ۽ جاني نقصان ٿيا آھن. دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ غلام محمد ڀرٽ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ کانپوءِ ڀِت هيٺان دٻجي 2 ڀاءُ ڀيڻ 14 سالن جو عبدالغفار، 18 سالن جي زاھدان ۽ هڪ سال جي معصوم نينگري شهزادي فوت ٿي وئي. جڏھن ته 22 سالن جي مسمات راشدان، 25 سالن جي مسمات گلستان خاتون ڀٽو، 28 سالن جو گل بهار ڀٽو ۽ 30 سالن جو مولا بخش ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال ۾ سهولت نه هجڻ ڪري نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏھن ته 8 ٻڪريون پڻ مري ويون. اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين واقعي واري ھنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍيو زخمي عورت گلستان جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. نوشهرو فيروز ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب ببلو ميمڻ جي ڀيڻ ۽ ڳوٺ جمن راڄپر ۾ گيسٽرو سبب نوجوان شعبان علي ولد وزير راڄپر فوت ٿي ويو. نوشهرو فيروز شهر جي پيرن واري مسجد جو گنبذ تيز برسات سبب ڪري پيو جنهن ۾ 7 طالب علم محمد حسن، احمد رند ۽ ٻيا زخمي ٿيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جمعي واري رات 2 وڳي ڪريل هن تاريخي قديمي مسجد جا 3 وڏا گنبذ آھن جن مان هڪ ڌماڪي سان ڪريو ۽ جمعي نماز تي بہ وڏو اجتماع ٿئي ٿو. نمازي وڏي حادثي کان بچي ويا. ٻين واقعن ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿيا ۽ ڳوٺ مٺو مري ۾ ڀت ڪرڻ سبب وزير حسين مري جون 6 ٻڪريون مري ويون. هوڏانهن اسپتال ۾ سوين مريض رڪشائن ۾ اچي رهيا آھن جن ۾ اڪثر گيسٽرو، الٽين ۽ بخار جا مريض آھن جن کي داخل ڪرڻ جي لاءِ بيڊ ختم ٿي ويا آھن ۽ اڪٽر بيڊن تي 2 مريض بينچن توڙي پٽ تي رليون وڇائي ستل نظر اچن ٿا. نوشهرو فيروز ضلعي ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال سبب جمعي ڏينهن ڊي سي سمورن تعليمي ادارن ۾ موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جڏهن ته ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ 127 سرڪاري اسڪولن کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين تعليمي سرگرميون بند ڪري پناهه گاهن، ريليف ڪئمپن ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. مسلسل برسات سبب سول اسپتال نوشهرو فيروز پاڻي سان ڀرجي ويئي آھي ۽ مريضن جي وارڊن جي ڪناري تائين پاڻي ئي پاڻي آھي. جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي، ججن جون رهائش گاهون، اللّٰه وارو چوڪ، مٺياڻي روڊ، هيٺائين چوڪ، سنڌ ڪالوني، پريم نگر سميت سمورا شهر نوشهرو فيروز جا علائقا ٻڏي ويا آھن جڏهن ته ڳوٺن جا روڊ رستا پاڻي ۾ وهي ختم ٿي ويا آھن. آخري اطلاعن تائين برسات به جاري هئي ۽ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي نه اچي سگهي هئي ۽ سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو