گوگل پاران  نئون اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم متعارف

گوگل پاران نئون اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم متعارف

لنڊن(ويب ڊيسڪ)گوگل نئون اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو آهي.ان کان اڳ اينڊرائيڊ 12 کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هن سال اينڊرائيڊ 13 کي 15 آگسٽ تي متعارف ڪرايو ويو هو.ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته پکسل فونز لاءِ اينڊرائيڊ 13 سپورٽ فراهم ڪرڻ جو عمل 15 آگسٽ کان شروع ٿي چڪو آهي.نئون آپريٽنگ سسٽم هن سال ڪجهه وقت تائين ٻين ڪمپنين جي فونن لاءِ دستياب هوندو.هن نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ تمام گهڻو نئون آهي.اينڊرائيڊ 12 جي مقابلي ۾، نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي ٽولز شامل ڪيا ويا آهن، آر سي ايس ميسيجنگ سپورٽ کي بهتر ڪيو ويو آهي، گوگل والٽ کي ٻيهر ڊزائين ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪروم بڪس، سمارٽ واچز، ٽي وي، ڪارون ۽ سمارٽ فونز کي گهر جي ڊوائيسز لاءِ بهتر ڪيو ويو آهي. ان جا ڪجهه نمايان خصوصيتون هيٺ ڏجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو