ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ جي تعليم، صحت ۽ معاشي شعبن ۾ اقليتن خاص طور تي عيسائي ۽ هندن اهم ڪردار آهي. عيسائين ۽ هندن جي قائم ڪيل تعليمي ادارن ۾ هوشيار ۽ جاکوڙي شاگرد پيدا ٿيا، جن پاڪستان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سينٽ جوزف ڪاليج صدر ۾ پاڪستان جي 75 هين آزادي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ۽ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هئا. سنڌ جو وڏو وزير ڪاليج پهچڻ تي تعليم ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، وقار مهدي، نجمي عالم، سينيٽر لعل دين ۽ ڪيٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن جي ميمبر سندس آجيان ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته توهان آزاد آهيو. توهان پنهنجي مندر ڏانهن وڃڻ لاء آزاد آهيو. توھان پنھنجين مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آھيو ۽ آزاد آھيو پاڪستان جي رياست ۾ ڪنھن ٻئي عبادت گاھ ڏانھن وڃڻ لاءِ. توهان ڪنهن به مذهب، ذات يا فرقي سان واسطو رکو ٿا ان جو ملڪ سان ڪوبه واسطو ناهي. هن چيو ته اڄ اسان کي قائداعظم جا اهي لفظ ياد ڪرڻ گهرجن، ”پاڪستان هڪ اهڙي قومي امنگ جي علامت آهي جنهن پاڻ کي هندستان ۾ اقليت ۾ ڏٺو. جيڪي اقليتون هاڻي ان جي سرحدن اندر آهن انهن کي نه وساريو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اقليتن بابت باباءِ قوم جو پيغام واضح آهي،”اسان توهان [اقليتن] جو احترام ڪريون ٿا ۽ توهان جي خدمت کي ساراهيون ٿا جنهن قوم سان توهان جو تعلق آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ سينٽ جوزف، سينٽ پيٽرڪ، ڪنويٽ آف جيزز اينڊ ميري ۽ حيدرآباد ۾ سينٽ ميري، سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا اسان جي مسيحي ڀائرن گهڻو اڳ قائم ڪيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته تعليم جو جيڪو معيار هن شروعاتي اسٽيج تي مقرر ڪيو هو اهو ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين برقرار آهي. اهڙي ريت سنڌ جي هندن به تعليم جي واڌاري لاءِ وڏي محنت ڪئي. هن NJV (Narayana Jagannath Vaidya) جهڙا مشهور اسڪول قائم ڪيا. مراد علي شاهه چيو ته وسنت پاٽ شالا اسڪول (هاڻي گورنمينٽ ڪاليج فار وومين-برنس روڊ) ڪوهيرادارم ميوارام ۽ جمشيد نسروانجي ميٺا پاران قائم ڪيو ويو هو ۽ ان جي قيام ۾ هندو، پارسي ۽ مسلم برادرين دل و جان سان حصو ورتو. مراد شاهه اسان جي پارسي ڀائرن پاران قائم ڪيل NED، ماما پارسي، هولي فيملي ۽ سيونٿ ڊي اسپتال ۽ ٻين تعليمي ۽ صحت جي ادارن جا مثال پڻ ڏنا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هنن ادارن اهڙا اڳواڻ پيدا ڪيا جن پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادريءَ پاران قائم ڪيل تعليمي ادارا ورهاڱي کانپوءِ به بغير ڪنهن فرق جي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته اقليتون هن ملڪ جو حسن آهن خاص طور تي سنڌ جو جتي ماڻهو اڪثريت ۽ گڏيل بقاءَ تي يقين رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي مختلف مذهبن ۽ ٻولين جا ماڻهو پاڻ ۾ محبت سان رهن ٿا. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪتاب (شاهه جو رسالو) کي مرتب ڪرڻ لاءِ هندو دانشورن جهڙوڪ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي جي خدمتن کي ساراهيو جنهن مختلف فرقن، عقيدن ۽ ماڻهن جو ڌيان ڇڪرايو. سنڌ جي وڏي وزير ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي موجود سمورن ماڻهن کي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مان پاڪستاني مهاجرن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو جن پرڏيهه ۾ رهي مادر وطن جي ڀرپور نمائندگي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي جيڪو اسان ڪيترين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي آزادي جي شمع کي روشن ڪيو. اسان جي ابن ڏاڏن اسان جي بهتر مستقبل لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو – اڄ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪريون ٿا ۽ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن اسان کي هڪ منفرد سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ ان کي الله پاران عظيم تحفو سمجهون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قائداعظم عالمي سطح تي هڪ انتهائي قدآور سياستدان هو جنهن ثابت ڪيو ته قوم ايمانداري ۽ عزم سان هر ڏکائي کي منهن ڏئي سگهي ٿي ۽ ڪردار ۽ عزم ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي. مراد علي شاهه ڪيٿولڪ اسڪولن کي قوم جي ترقي ۾ سندن عظيم خدمت ۽ ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته مشنري اسڪولن علم ۽ ثقافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مونکي انهن ادارن تي فخر آهي. هن چيو ته 160 سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين ڪيٿولڪ اسڪولن هن سرزمين تي تعليم جي …










