سنڌ جي ڪاليجن ۾ ڇوڪرين کي موٽرسائيڪل سيکارڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪاليجز ڊپارٽمينٽ سنڌ جي شاگردياڻين لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، ڪاليج جي شاگردن کي هاڻي موٽرسائيڪل هلائڻ سيکاري ويندي.رپورٽن مطابق ڪاليجز ڊپارٽمينٽ سنڌ سرڪاري ڪاليجن کان خواهشمند شاگردن جي لسٽ طلب ڪري ورتي آهي.سنڌ ڪاليجز ڊپارٽمينٽ پاران لکيل پوسٽ موجب سنڌ وومين ڊولپمينٽ جي سهڪار سان ڪاليجن ۾ شاگردياڻين کي تربيت ڏني ويندي.سنڌ وومين ڊولپمينٽ جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل ڊرائيونگ ٽريننگ جو مقصد عورتن کي خودمختيار بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو