بدين(ن سنڌيار) سڄي ملڪ جيان بدين ضلعي ۾ پڻ اڄ 5 آگسٽ تي ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ، ڀارتي فوج جي ناجائز قبضي ، ڀارتي ڏاڍ ۽ بربريت خلاف استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا پاران ريلي جو اهتمام ڪيو ويو _ ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد ماجد الطاف سيمت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ عملي شرڪت ڪئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشميري ڀائرن جي حق ۾ لکيل بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا _ ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايڊِيشنل ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته اسين مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم ۽ ڏاڍ جي پرزور مذمت ڪيون ٿا ۽ اقوام متحده کي درخواست ڪيون ٿا ته اها ڪشميري ڀائرن کي ڀارتي ظلم ۽ جبر مان نجات ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي اقوام متحده جي قراردادموجب ڪشميري ڀائرن جي اميدن تي عملدرآمد ڪرائي _ هن چيو ته ڪشمير اسانجي شهه رڳ آهي ۽ انشاا لله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميرآزاد هوندو _ ان موقعي تي ضلعي بدين جي تعلقن ۾ پڻ اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ ۽ ڀارتي فوج جي ناجائز قبضي خلاف استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون










