سان فرانسسڪو(ويب ڊيسڪ)مائيڪرو بلاگنگ پليٽ فارم ٽوئيٽر هڪ نئين فيچر جي آزمائش ڪري رهيو آهي جنهن جي مدد سان صارفين اهو ڏسي سگهندا ته هڪ ماڻهو هڪ مهيني ۾ ڪيترا ڀيرا ٽوئيٽ ڪري ٿو.ٽيڪ ڪرنچ جي هڪ رپورٽ موجب ٽوئٽر پاران هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن سان هاڻي اهو معلوم ڪرڻ ممڪن ٿيندو ته ڪنهن صارف هڪ مهيني ۾ ڪيتريون ٽوئيٽس ڪيون.شروعاتي طور تي هي فيچر ڪجهه ٽوئيٽر استعمال ڪندڙن لاءِ موجود آهي پر جلد ئي ان کي سڀني صارفين لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.ٽوئيٽر جي ترجمان نئين فيچر جي حوالي سان چيو آهي ته ان فيچر جو مقصد صارفين کي ڪنهن جي پروفائيل بابت وڌيڪ معلومات فراهم ڪرڻ آهي، ان فيچر ذريعي صارف ڄاڻي سگهندو ته هڪ اڪائونٽ ڪيتريون ٽوئيٽس ڪندو آهي، جنهن جي اجازت ڏني ويندي. اهو فيصلو ڪرڻ آسان ٿي ويندو ته هو هن جي پيروي ڪرڻ چاهي ٿو يا نه. ياد رهي ته 2019 جي Pew ريسرچ سروي موجب 10 سيڪڙو ٽوئيٽر استعمال ڪندڙ 80 سيڪڙو ٽوئيٽس ڪندا آهن، جڏهن ته هڪ عام صارف هر مهيني سراسري طور 2 ٽوئيٽس ڪندو آهي.










