ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي،جنهن تي سنڌ حڪومت خدشا ظاهر ڪرڻ سان گڏ احتجاج به ڪندي رهي آهي مراد علي شاهه اهڙيون ڳالهيون سي ايم هائوس ۾ ٿيل ستين آدمشماري جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيون، اجلاس دوران چيف سيڪريٽري ۽ ٻين طرفان بريفنگ ڏني وئي وڏي وزير چيو ته ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ستين آدمشماري درست ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي










