ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي خصوصي هدايتن تي ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي محرم الحرام انتظامن جي سلسلي ۾ واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ پاران آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ يوم عاشورا محرم الحرام کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي لاءِ تڪڙا ۽ موثر قدم کنيا وڃن ۽ سمورين امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوس جي رستن تي نيڪالي واري سمورين شڪايتن کي فوري طور تي ختم ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪندي سمورن کليل مين هولز تي رنگ سليب ۽ ڍڪ لڳايا وڃي تہ جيئن شهرين ۽ عزادارن کي ڪنهن بہ قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ايم ڊي واٽر بورڊ پاران چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو ۽ فوڪل پرسن هائيڊرينٽ سيل شهباز بشير کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ اھي شعيا علماء ڪرام ۽ جعفري الائينس جي مرڪزي اڳواڻن سان مڪمل رابطي ۾ رھن ۽ يوم عاشور تائين سمورين امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي مفت واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن، ايم ڊي واٽر بورڊ سمورن چيف انجنيئرز، سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ واٽر بورڊ جا عملدار سمورين امام بارگاهن، مجلس گاھن ۽ جلوس جي رستن تي جيٽنگ ۽ سڪشن مشينن سميت هاءِ الرٽ رهن تہ جيئن ڪنھن ھنگامي صورتحال کي منهن ڏيئي سگهجي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي خصوصي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ عملو شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي.










