ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو وٽ جلد ننڍڙا مهمان اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جو هو تمام جلد اعلان ڪندي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بپاشا باسو ۽ ڪرن سنگهه گروور والدين جي حيثيت سان پنهنجي نئين سفر لاءِ بيحد پرجوش آهن، جوڙو جلد پنهنجي نئين ڄاول ٻار کي دنيا ۾ ڀليڪار ڪندو.بپاشا باسو جي حمل جون افواهون هلندڙ سال مارچ ۾ گردش ڪرڻ شروع ٿي ويون، جوڙي جي ويجهن ذريعن موجب جوڙو پهريون ڀيرو والدين بڻجڻ تي تمام گهڻو خوش ۽ پرجوش آهي. ذريعن موجب بپاشا ۽ ڪرن جلد ئي اها خوشخبري پنهنجي دوستن، ڪٽنب ۽ مداحن سان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا.










