ملڪ ۾ ڪرونا سبب 8 ڄڻا فوت، شرح 3.5 سيڪڙو کان وڌيڪ

ملڪ ۾ ڪرونا سبب 8 ڄڻا فوت، شرح 3.5 سيڪڙو کان وڌيڪ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. اين آءِ ايڇ موجب 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 843 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 761 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.65 سيڪڙو هئي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب اڃا تائين 170 مريض آهن جن جي حالت نازڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو