عمران خان ڳالهين لاءِ تيار، آڪٽومبر ۾ عام چونڊون ٿيڻ جا واضع امڪان

عمران خان ڳالهين لاءِ تيار، آڪٽومبر ۾ عام چونڊون ٿيڻ جا واضع امڪان

اسلام آباد(بيورو)حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ملڪ ۾ آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ٿينديون.17 جولاءِ تي پنجاب جي ضمني چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام وڌي ويو آهي، جنهن جا ملڪي معيشت تي به منفي اثر پئجي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي نظر ۾ رکندي اسٽيبلشمينٽ ماضي وانگر سياستدانن کي ڳالهين لاءِ قائل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو سياستدانن کي ئي ڪرڻو آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي غير مشروط مداخلت کانپوءِ پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جا امڪان واضح ٿي رهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته 25 مئي تي عمران خان جي اسلام آباد مارچ دوران اسٽيبلشمينٽ سياستدانن کي ڳالهين لاءِ قائل ڪيو هو پر بدقسمتي سان ان وقت مثبت ڳالهيون نه ٿي سگهيون…سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چونڊ سڌارن، معيشت ۽ آرمي چيف جي مقرري تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينيئر سهيل وڙائچ چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان سان ملاقات ٿي هئي، ملاقات ۾ سياستدانن کي ٽن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽن مسئلن ۾ چونڊون ۽ سڌارا، معاشي ايجنڊا ۽ آرمي چيف جي مقرري شامل آهي، سمورا ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته سياسي ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي. سينيئر سهيل وڙائچ جو چوڻ هو ته عمران خان به ڳالهين لاءِ تيار آهي، هو انهن ٽنهي معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، امڪان آهي ته عمران خان ملڪ جي صدر کي خط لکي ڳالهيون ڪري، ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن ته سياسي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون. پارٽيون هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو