محرم الحرام دوران ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو

محرم الحرام دوران ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو

گهوٽڪي /جان محمدسوسائٽي(ن سنڌيار) محرم الحرام دوران ضلعي گهوٽڪي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو، مجلسون توڙي جلوس مقرر وقت ۽ روٽس تي منعقد ڪرڻ جي هدايت، ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪرائڻ جو عزم، ضلعي امن ڪاميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سندس آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ایس ایس پي محمد اظهر خان، شهباز رينجرز 70 ونگ ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايس آر گلزار حسين، شهباز رينجرز 84 ونگ سردار ڳڙهه جي ايس آر عبدالصغير سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي.ايس.پي موٽروي پوليس، ڊي ايڇ او، سيپڪو ۽ ميونسپل کاتي جي آفيسرن توڙي مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته عاشورن دوران امن و امان برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏبي، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ توڙي شرپسند عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو مقصد مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن جا مسئلا معلوم ڪري حل ڪرڻ آهي ته جيئن عاشورن دوران ڪنهن به قسم جو اڻوندڙ واقعو پيش نه اچي ڇو ته اسلام محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو انڪري اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري پنهنجون مذهبي ذميواريون ادا ڪريون ۽ ننڍن ننڍن مسئلن کي حل ڪري هڪٻئي جي جذبن جو احترام ڪريون ته جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي ۽ ملڪ دشمنن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملي وڃن. هن چيو ته عاشورن دوران ضلعي انتظاميه جي اجازت کان بغير لائوڊ اسپيڪر استعمال نه ڪري سگهبو جڏهن ته غلط استعمال توڙي اسلحي جي نمائش تي مڪمل پابندي هوندي انڪري ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪيو وڃي ته جيئن عاشورا امن و امان سان گذري وڃن. ڊپٽي ڪمشنر مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن کي اپيل ڪندي چيو ته عاشورن دوران افواهن تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪنهن به اڻوندڙ واقعي يا اطلاع جي صورت ۾ صبر جو مظاهرو ڪندي فوري طور تي ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري سگهجي جڏهن ته ماتمي جلوس ۽ مجلسون مقرر ڪيل روٽن ۽ وقت موجب منعقد ڪيون وڃن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پي ٽي سي ايل ۽ سيپڪو جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي لوز تارن جي مرمت ڪن ۽ غيراعلانيل لوڊشينگ کان پاسو ڪيو وڃي، هن سمورن ايڊمنسٽريٽرن /سي ايم اوز کي پڻ هدايت ڪئي ته اسٽريٽ لائيٽ، واٽر سپلائي، ڊرينيج ۽ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ مين هولن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي شهباز رينجرز جي آفيسرن چيو ته گهوٽڪي ۾ امن و امان واري صورتحال رهي آهي، سمورن عالمن کي گهرجي ته هو هڪٻئي جي تعاون سان اهڙيون روايتون برقرار رکن ته جيئن ملڪ دشمن قوتون کي فساد ڦهلائڻ جو موقعو نه ملي سگهي. ايس ايس پي محمد اظهر خان ڳالهائيندي چيو ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ضلعي گهوٽڪي جي تاريخ رهي آهي ته هتي ڪنهن به قسم جو فرقيواراڻو جهيڙو ناهي ٿيو انڪري سمورن عالمن کي گهرجي ته هو پابندي مڙهيل عالمن / مولوين کي گهرائڻ کان پاسو ڪري ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪن. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڪل 596 مجلسون برپا ٿينديون ۽ 81 ماتمي جلوس نڪرندا جن جي سيڪيورٽي لاءِ 3 ھزار جي کڳ ڀڳ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار فرض ادا ڪندا. ان موقعي تي مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن ضلعي انتظاميه کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. بعد ۾ پاڪستان جي سالميت، امن و امان ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو