لانگ مارچ ڪيس: عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ

لانگ مارچ ڪيس: عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.سيشن جج ڪامران بشارت مفتي پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي سندس 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 30 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. عمران خان ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ به ضمانت جي درخواست ڏني، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته اهو سياسي ڪيس آهي، جوابدار کي به پيش ٿيڻو پوندو. سيشن جج رمارڪس ڏنا ته ڪيس نمبر 425 ۾ نئين ضمانت آهي، جيڪڏهن جوابدار پيش ٿيو ته حڪم جاري ڪندو، جنهن تي جونيئر وڪيل استدعا ڪئي ته نئين ضمانت جي درخواست به ايندڙ ٻڌڻي تي مقرر ڪئي وڃي. عدالت ڪيس نمبر 425 ۾ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 30 جولاءِ تي مقرر ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو