ڪراچي(بزنس رپورٽر)ملڪ ۾ اڄ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. انٽر بئنڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر 15 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ واپار جي بند ٿيڻ تي ڊالر 210.95 رپيا تي بيٺو.ان کان علاوه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿي 211 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف سان معاهدي جي خبرن کانپوءِ ڊالر ٿورو سستو ٿيو هو پر اڄ ٻيهر مهانگو ٿي ويو آهي.










