ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪري ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي سنڌ حڪومت کي هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي.
وزيراعظم چيو ته کيس ڪراچي ۾ تيز برساتن تي ڏک ٿيو آهي ۽ اميد آهي ته سنڌ حڪومت وڏي وزير جي قابل قيادت ۾ زندگي معمول تي آڻيندي. ٻئي طرف وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته هو صوبائي حڪومتن ۽ پي ڊي ايم ايز سان گڏجي ڪم ڪري. وزيراعظم چيو ته هن صوبائي حڪومتن ۽ اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن کان عوام جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، امداد فراهم ڪئي وڃي، متاثرن کي عارضي پناهه گاهه ۽ کاڌي پيتي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ فوتگين تي ڏک آهي، ڪرنٽ لڳڻ جهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.










