قاضي واھ کي 100 فوٽ گهارو، پوکيل فصل پاڻي هيٺ

قاضي واھ کي 100 فوٽ گهارو، پوکيل فصل پاڻي هيٺ

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر ڀرسان ڳوٺ ڄام خان گڏاڻي وٽان قاضي واھ کي 100 فوٽ گهارو، ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ، آبپاشي عملدارن ۽ ڳوٺاڻن گهارو بند ڪري ورتو، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڄام خان گڏاڻي وٽ قاضي واھ کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ڪمند ۽ ووئڻن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن تہ پاڻي جو تيز وهڪرو ڀرپاسي جي گهرن طرف وڌڻ لڳو ته ڳوٺاڻن ۾ خوف ڇائنجي ويو ، قاضي واھ کي گهارو لڳڻ جو فوري اطلاع ملڻ آبپاشي عملي کي ڏنو ويو پر آبپاشي عملو دير پهتو جنهن بعد ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملي ڪرين مشين وسيلي گهارو بند ڪري ورتو، ناهي پهچي سگهيو جڏهن، ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي تہ قاضي واھ جا ڪپر ڪمزور هئا جنهن جي لاءِ آبپاشي کاتي وارن آڏو دانهون ڪيون سين پر اسان جي دانهن طرف ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ۽ نيٺ قاضي واھ واھ کي گهارو پئجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو