واپڊا   ملازمن جو احتجاج،مطالبن نه مڃڻ خلاف دائرو وسيع ڪرڻ جو چتاءُ

واپڊا ملازمن جو احتجاج،مطالبن نه مڃڻ خلاف دائرو وسيع ڪرڻ جو چتاءُ

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين ٽنڊو محمد خان پاران بجلي جي تقسيم واپڊا نجڪاري ملازمن جي ڀرتين تي پابندي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لا۽ ڊويزن آفيس ٽنڊو محمد خان سجاول چوڪ سامهون ورڪرز يونين ڊويزنل صدرمحمد يونس نظاماڻي محمد يونس شيخ عرفان علي شاھ سجاد علي سٺيو امير بخش لاکو بچل سٺيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بجلي جي تقسيم سمين ملازمن جي ڀرتين تي پابندي سميت Bod کي ختم ڪري قومي سطح تي قائم تمام اداراه واپڊا جي ماتحت ڪيا وڃن ڪيٽيگري ABC مرحوم ملازمن جي اولاد ڊائيريڪٽ فيڪس پيڪج کان سوا۽ ريگيولر ڪنٽريڪٽ جي بنياد تي پراڻي سروس رولز جي مطابق ڪيون وڃن اسٽاف جي ڪمي کي بنيادن تي ڀرتي جي ذريعي ان ڪيو وڃي بڪٽ گاڏين سميت مائوٽنڊ ويڪل مٽريل ٽي اينڊ پي فراهم ڪيو وڃي وفاقي بجيٽ 23-2022 دوران اعلان ڪيل پگهارون ۽ پينشن ۾ پندرانهن فيصد ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي پند پيل پاور هائوسن کي اسٽارٽ ڪيوڌوڃي بجلي جي پيداوار کي هٿي ڏني وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي پاور هائوسن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي وفاقي حڪومت پاران اعلان ڪيل ڊسپيرٽي انائونس ايڊاهڪ الائونس پينشن ۾ اضافي سميت عيد اعزاز جي عدائيگي مهيا ڪئي وڃي ملازمن کي فري ۾ بجلي مهيا ڪئي وڃي ملازمن تي بجلي چوري ڪندڙن کي اطلاع ڏيڻ جا الزام واپس ورتا وڃن NTDC کي هارڊ ايريا ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي هارڊ ايريا الائونس ڏنو وڃي ٽرانسپورٽ پاليسي جي تحت گريڊ 16 اسڪيل ۾ ملازمن کي شامل ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار ميمبر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ CBA يونين کي بليڪ ميل ڪرڻ جا الفاظ استعمال ڪيا آهن اهي الفاظ واپس ورتا وڃن نور عالم پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران بجلي جي تقسيم دوران ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ۽ پنهنجون زندگيون قربان ڪندڙن ۽ سخت موسمن ڪري بجلي جي فرهمي کي جاري رکندڙ ملازمن کي بجلي ۾ چوري ۾ ملوث نه ڪيو وڃن اڳواڻن چيو ته اسان جا جائيز مسئلا آهن جن کي تسليم ڪيو وڃي اسان ملازمن جو حق اسان کي ڏنو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو