هرڻن جو شڪار ڪندڙ 5 شڪارين خلاف ڪيس داخل: ڌرڻو ختم

هرڻن جو شڪار ڪندڙ 5 شڪارين خلاف ڪيس داخل: ڌرڻو ختم

نئون ڪوٽ(ن سنڌيار)ٿر جي فطري سونهن رکندڙ ناياب نسل جي هرڻن جي قتل عام خلاف نئونڪوٽ ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو، خبر موجب ٿرپارڪر جي ڳوٺ رنگيلو ۾ شڪارين پاران ناياب نسل جي 9 هرڻن جي قتل عام خلاف سول سوسائٽي نئون ڪوٽ جي اڳواڻن خان غفار، رحمان نھڙيو، ممتاز جوڻيجو ۽ ٻين پاران نئونڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وائلڊ لائف کاتي ۽ ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ڪيتري وقت کان ٿر جي فطري سونهن غيرمحفوظ آهي جنهن جي ڪري هتان جا مقامي ماڻهو دانهون ڪوڪو ڪري ٿڪي پيا آهن پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته گذريل رات ٿر جي ڳوٺ رنگيلو مان شڪارين 9 هرڻن کي گوليون هڻي قتل ناهي ڪيو ڄڻ اسانجي ٻچن کي ماريو آهي، جنهن ڪري شڪارين، وائلڊ لائف کاتي سميت شڪارين جي سهولت ڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي ٿر جي فطري سونهن کي محفوظ رکيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو