ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7500 ميگاواٽ ٿي ويو

ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7500 ميگاواٽ ٿي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ بجلي جو مجموعي شارٽ فال 7500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي.نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) موجب ملڪ ۾ بجلي جي طلب 29 هزار ميگاواٽ ۽ پيداوار 21 هزار 500 ميگاواٽ آهي.اين ٽي ڊي سي جو چوڻ آهي ته لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 8 هزار ميگاواٽ بجلي جي شارٽ فال کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سبب ليسڪو ۾ ساڍي 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف هاءِ لاسس فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو مدو 10 ڪلاڪن کان به وڌي ويو آهي ۽ پاور پلانٽ پنهنجي گنجائش کان گهٽ هلي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو