ڀرياسٽي (مجيد ڪيريو) ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراه تي دالي وٽ ڪراچي کان مظفر آباد آزاد ڪشميرويندڙ مسافر ڪوچ اورٽيڪ دوران موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين کي موٽروي پوليس ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي مدد سان ڀرياسٽي ۽ ڪنڊيارو اسپتالن ۾ داخل ڪرايو. زخمين ۾ محمد حسن، محمد علي ، اخلاق ، محمد اقبال ، شاهد حسين ، مسمات ريشمان ، ماهه ولي ، محمد صادق ، روح نواز ، حميد ۽ ٻيا شامل آهن. زخمي مسافرن کي ڊاڪٽرن فورن طبي امداد فراهم ڪئي وئي. ٻن ڄڻن اخلاق احمد ۽ محمد علي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران مسافرن کي علاج بعد پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو ويو.










